ارجن سڪايل

ارجن سڪايل

ارجن سڪايل

ارجن سڪايل: سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعرارجن سڪايل‘ جو اصل نالو ارجن ڏيٿارام ناٿاڻي آهي. سندس جنم نومبر 1919ع ۾ سڌوجا، ضلعي نوابشاهه (هاڻي ضلعي نوشهري فيروز) ۾ ٿيو. هن وقت ممبئي (ڀارت) جي علائقي ۾، علالت جي زندگي گذاري رهيو آهي. ’ٽنڊي آدم جو اتهاس‘ (1946ع)، ’انارڪلي‘ (1949ع)، ’سنڌي ساهتڪارن جو آلبم‘ (1968ع)، ’اندرا گانڌي‘ (سوانح- 1968ع)، ’لينن جي سوانح‘ (1968ع) ۽ ’تنهنجي رڌڻي ۾ تنهنجي اسپتال‘ (صحت بابت مضمون_ 1947ع) ”سنڌو نگر جا سنڌي (1995ع)، ”صحت تنهنجي صلاح منهنجي“ (2004ع). ”سنڌ جو سفر نامو“ (2004ع) سندس مشهور ڪتاب آهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ لپي سيکارڻ لاءِ سولا سنڌي ڪتاب به شايع ڪيل اٿس. لينن جي سوانح ڪتاب تي نهرو امن انعام مليل اٿس. ارجن سڪايل سنڌ جي وڇوڙي تي هند جي سنڌي شاعرن جي چونڊ شاعريآءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ڪتاب ۾ 70 واري ڏهاڪي ۾ ترتيب ڏئي ڇپائي هئي. هن جا پنج ناول 1- هڪ پرش 3 استريون (1961ع)، 2- راجڪماري گيتا (1967ع)، 3- تپسيا ٽٽي پئي (1970ع)، 4- ڪپهه ۽ باهه (1972ع)، 5- ڪنڊن ڀريون راهون ڇپيل آهن. سندس شعر جا مجموعا، انارڪلي (1950ع)، گهمي وڃ سنڌو نگر ڏي يار (لمبي ڪوِتا 1965ع)، سنڌ ۽ چنڊ جا ڪرڻا (1982ع). ”امرت جو ڪلش“ (2004) ڇپيل آهن. هن وقت انڌيري (ويسٽ) ممبئيءَ 53 واري گهر ۾ بيماريءَ جي بستري تي آهي، پوءِ به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان نينهن نڀائيندو اچي.


لفظ ارجن سڪايلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.11.00  عيسوي

ارجن سڪايل: سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر ’ ارجن سڪايل ‘ جو اصل نالو ارجن ڏيٿارام ناٿاڻي آهي . سندس جنم نومبر 1919ع ۾ سڌوجا ، ضلعي نوابشاهه ( هاڻي ضلعي نوشهري فيروز ) ۾ ٿيو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله راهي لکوي ميان
ڀٽي نور محمد پرواز
جهنگل شاهه مست
ليلارام سيتائي شاعر
پرسرام مشتري ڀاٽيا
شير محمد لغاري
پلي شمس الدين
ضياء خياروي
سوڀو فقير لغاري
صمد حسين رضوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون